اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ??اءِ پرعزم آهي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن بيلاروس جي ??رڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته هن بيلاروس جي ??م منصب سان نتياخيز ۽ تعميري ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ تعاون جي سمورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته پاڪ – بيلاروس لاڳاپن جي ??اءِ اسان جي ڊگهي مدي واري هدفن ۾ اقتصادي لاڳاپن جي ??ضبوطي، واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ، سائنسي تعاون کي فروغ ڏيڻ، دفاعي تعاون کي وڌائڻ ۽ ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي گهرو ڪرڻ شامل آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪي ٻنهي ملڪن جي عوام جي خوشحالي ۽ ڀلائي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي عوام جي ??چ ۾ سٺن لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ??اءِ عملي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. هن دوري جو هڪ اهم نتيجو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ سفا??تي ۽ سرڪا??ي پاسپورٽ رکندڙن جي ??يزائن جي خاتمي جي ??عاهدي تي صحيحون ڪرڻ هو جنهن سان اعليٰ سطح جي دورن کي هٿي ملندي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽريٽجڪ انسٽيٽيوٽ ۽ بيلاروس انسٽيٽيوٽ جي ??چ ۾ معاهدو تعليمي تعاون جو مضبوط بنياد رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته هو ڇهين وزا??تي اجلاس دوران ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سال 2024ع ۾ ٻئي ملڪ پنهنجي سفا??تي لاڳاپن جي ??يام جي 30 هين سالگرهه ملهائيندا. پرڏيهي وزير ٻطرفن لاڳاپن جي بنياد کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ پاڪستان ۽ بيلاروس جي ??چ ۾ گڏيل فائديمند دوستي کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ??اءِ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. بيلاروس جي ??رڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ دوري جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃ??ندي چيو ته هن انتهائي تعميري ۽ بي تڪلف انداز ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جاگرافيائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود ٻنهي ملڪن جي اها خواهش آهي ته اهي گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپا قائم ڪن. هن چيو ته هو پاڪستان ۾ گاڏيون ۽ ٽريڪٽر ٺاهڻ جي ??يڪٽري لڳائي وڌيڪ سيڙپڪاري تي غور ڪري رهيا آهن. بيلاروس جي ??رڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۽ مسلمان دنيا ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ بيلاروس جي حڪومت جي ??ستقل پاليسي رهي آهي. هن چيو ته ان خ??اهش کي ٻنهي ملڪن جي ??يادت وڌيڪ وڌايو آهي. هن معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ عالمي سطح تي پنهنجو اميج وڌائڻ تي پاڪستان حڪومت کي پڻ ساراهيو. بيلاروس جي ??رڏيهي وزير چيو ته بيلاروس مختلف دٻاءُ جي باوجود پنهنجي خودمختياري ۽ پرڏيهي پاليسي جي آزادي جو دفاع ڪري رهيو آهي ۽ خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ ڪنهن به قسم جي ??داخلت جو مخالف آهي. هن عالمي فورم تي بيلاروس جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃ??ا. هن چيو ته هن تعاون جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي مسئلن تي نظرين جي اتحاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بيلاروسي پرڏيهي وزير چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران واپاري ۽ اقتصادي تعاون تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو.
پاڪستان مضبوط اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا قائم ڪري بيلاروس سان اعليٰ سطحي رابطن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي: بلاول ڀٽو زرداري جي بيلاروس جي پرڏيهي وزير سان گڏيل پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل