لاهور – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مس??لي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي ل??ءِ پرعزم آهي، ايندڙ نسلن جي ل??ءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي. ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پلاسٽڪ جي هڪ ڀيرو استعمال کانپوءِ ان جي خاتمي ل??ءِ عالمي برادري جي ڪوششن ۾ شامل ٿيڻ جي حوالي سان پنهنجي عزم جي تجديد ڪري ٿو. حڪومت پلاسٽڪ جي آلودگي جي خاتمي ل??ءِ قانوني طريقيڪار جوڙڻ جي حوالي سان قومي ۽ عالمي ڌرين سان فعال طور تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسلام آباد ۾ پلاسٽڪ جي استعمال جي منع بابت 2023ع جي ريگيوليشن تي ڪم ڪيو پيو وڃي ۽ ان ضابطي تحت ٺوس فريم ورڪ ۾ پلاسٽڪ جي استعمال کي مرحليوار ختم ڪرڻ جي ل??ءِ مدي جو تعين ڪيو ويندو. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن معاشري جا سمورا طبقا حياتياتي تنوع جي تحفظ جي ل??ءِ گڏ ٿين ۽ ري سائيڪلنگ جي قدمن کي ڪامياب بڻائڻ جي ل??ءِ شعور اجاگر ڪن. هن چيو ته ايندڙ نسلن جي ل??ءِ صاف سٿرو ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي بنيادي ذميواري آهي.
پاڪستان پلاسٽڪ جي آلودگي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ جي مرحليوار خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável