اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو ڪشميري عوام تي ڏاڍ جو خاتمو ڪري ته جيئن ا??ا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گڏيل قومن جي ??نس??ني حقن جي لاءِ اسپيشل پروسيجرز هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارتي قابض فوج پاران ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ ۽ والاريل علائقي ۾ صحافين سميت سول سوسائٽي جي ميمبرن، ??نس??ني حقن جي ڪارڪنن ۽ سياسي شخصيتن تي پابنديون هڻڻ تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن جي اسپيشل پروسيجرز ان ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪيو آهي ت?? ڀارت جي دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن جو فريم ورڪ ??نس??ني حقن جي خلاف ورزين ۽ عالمي ??نس??ني حقن جي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. گڏيل قومنج ي خصوصي طريقيڪار اڳ ۾ ئي والاريل علائقي ۾ ??نس??ني حقن جي خلاف ورزين جي انفرادي الزامن تي ڪيترائي ڀيرا آواز اٿاريو آهي جن ۾ غيرقانوني حراست، عدالت کان مٿانهين قتل، جبري گمشدگي، تشدد، اڻوڻندڙ سلوڪ، ڌمڪين ۽ انتقامي ڪاررواين کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير اسٽيٽ هيومن رائيٽس ڪميشن جي اوچتو بندش شامل آهي جنهن خطي جي ماڻهن کي انهن جي ??نس??ني حقن ۽ بنيادي آزادين جي خلاف ورزي جي ازالي ۽ جوابدهي جي لاءِ تمام گهٽ قانوني سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته گڏيل قومن پاران تازه ترين بيان هڪ ٺوس دستاويز آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي جي قانونن تحت والاريل ڪشمير ۾ ??نس??ني حقن جي خلاف ورزين جو احاطو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو ڀارت تي ??نس??ني حقن جي رڪ??رڊ ۽ والاريل ڪشمير جي سنگين صورتحال تي فرد جرم لاڳو ڪري ٿو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو ڪشميري عوام تي پنهنجو ڏاڍ ختم ڪري ته جيئن ا??ا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب پنهنجي خودمختياري جو حق استعمال ڪري.
ڀارت ڪشميري عوام تي ڏاڍ جو خاتمو ڪري: پاڪستان جي پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر