اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان ??اڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم ملاقات ڪئي ۽ کيس 5 آڪٽوبر تي پنهنجي خلائي سفر تي روانگي بابت تيارين کان آگاهه ڪيو. نميره سليم خلا ۾ پاڪستاني جه??ڊو بلند ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نميره سليم کي خلائي سفر شروع ڪرڻ تي حڪومت پاڪستان، نگران ??زيراعظم ۽ عوام پاران ??بارڪباد ڏني ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهش جو اظهار ڪيو. ان ??وقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم سمورين عورتن جي لاءِ رول ماڊل آهي، سندس تحقيق بابت خلائي سفر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ موجودگي جي علامت آهي، جيڪا قوم جي لاءِ اهم ڪاميابي آهي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نميره سليم به ان ڪوشش سان ??اڪستان جو امن پسند ۽ ترقي پسند ملڪ جي حيثيت سان ??ثبت تشخص اجاگر ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان جي نوجوان ??سل زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان جو نالو بلند ڪري سگهي ٿي. واضح رهي ته نميره سليم پهرين پاڪستاني عورت آهي ج??هن کي قطبن تي پهچڻ جو اعزاز به حا??ل آهي. نميره سليم 21 اپريل 2007ع تي اتر قطب ۽ 8 جنوري 2008ع تي ڏکڻ قطب ۾ پاڪستان جو جه??ڊو لهرائي چڪي آهي جڏهن ته ايندڙ مهيني هوءَ خلائي سفر تي رواني ٿي رهي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان پاڪستان جي پهرين خلاباز عورت نميره سليم جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر