اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صنعتن جي لاءِ گئس جي قيمتن جي حوالي سان صنعتڪارن جي مشاورت سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صنعتن جي لاءِ بجلي جا به چٽاڀيٽي اگهه متعارف ڪرايا وڃن جنهن سان ع??م ماڻهو ۽ صنعتن کي فائدو پهچي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان م??جب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ صوبي خاص طور تي ڪراچي سان تعلق رکندڙ ناليوارن صنعتڪارن ۽ واپارين م??اقات ڪئي. ملاقات نگران وزيراعظم جي ڪراچي جي دوري دوران صنعتڪارن ۽ واپارين سان شروع ڪيل مشاورت جو تسلسل آهي. ان م??قعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صنعتڪارن ۽ واپاري ب??ادري جو اهم ڪردار آهي، حڪومت صنعت ۽ واپار جي فروغ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن هدايت ڪئي ته صنعتن جي لاءِ بجلي جا چٽاڀيٽي اگهه متعارف ڪرايا وڃن جنهن سان ع??م ماڻهو ۽ صنعتن کي فائدو پهچي. نگران وزيراعظم ناڻي واري نگران وفاقي وزير ۽ توانائي واري نگران وفاقي وزير کي صنعتن جي لاءِ گئس جي قيمتن جي حوالي سان صنعتڪارن جي مشاورت سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعطم چيو ته حڪومت ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ٽيڪس نيٽ وڌائڻ جي لاءِ ڪاروباري ب??ادري جو تعاون اهميت رکندڙ آهي، ٽيڪس نيٽ جي وڌائڻ ۾ ڪاروباري ب??ادري حڪومت جو ساٿ ڏي، عوام جي ڀلائي ۽ معيشت جي ب??الي جي لاءِ حڪومت اداراجاتي سڌارن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. واپاري ب??ادري جي وفد اسمگلنگ جي روڪ??ام?? بجلي چوري جي تدارڪ جي مهم ۽ معيشت جي ب??الي لاءِ کنيل قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، توانائي وارو نگران وفاقي وزير محمد علي، سنڌ جو گورنر ڪامران خان ٽيسوري ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا. وفد ۾ چيئرمين بزنس مين گروپ زبير موتي والا، چيف ڪوآرڊينيٽر انڊسٽريل فورم محمد جاويد بلواني، پيٽرن ان چيف لسٻيلا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري مقصود اسماعيل، اڳوڻو چيئرمين آل پاڪستان ٽيڪسٽائيل پراسيسنگ ملز ايسوسيئيشن سليم پاريک، پيٽرن ان چيف بن قاسم ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري ميان محمد احمد، صدر نارٿ ڪراچي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري فيصل معيز ۽ ٻيا شامل هئا.
نگران وزيراعظم پاران صنعتن جي لاءِ گئس جي قيمتن جي حوالي سان صنعتڪارن جي مشاورت سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے