اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)واپار ??اري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ت?? وزيراعظم شهباز شريف جي اڳ??اڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون. واپاري واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار ??ن واپار ??اري وزارت ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪيو. وفاقي وزير جو استقبال وفاقي سيڪريٽري واپار ڪئپٽن (ر) محمد خرم آغا ڪيو. وفاقي سيڪريٽري طرفان افتتاهي بريفنگ دوران وزارت جي دائره ڪار ۽ مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. ان موقعي ت?? واپار ??اري وزير چيو ته وزارت سيڙپڪاري ۽ مقامي ۽ غير مقامي سيڙپڪارن کي مڪمل طور تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. واپار ??اري وزير چيو ته واپار جو ڳاڻيٽو وڌائڻ سان گڏوگڏ کاڻين جي کوٽائي، لائيو اسٽاڪ ۽ـ ٽيڪسٽائل جهڙن اهم شعبن ۾ نواڻ آڻينداسين. هن چيو ته عالمي معيارن سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان کان علاوه روايتي واپاري نڪته نظر کي اڳتي وڌائڻ ۽ـ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ت?? ڄام ڪمال خان جو تعلق اين اي 257 لسٻيله سان آهي. هو بلوچستان جو وڏو وزير پڻ رهي چڪو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون: وفاقي وزير ڄام ڪمال
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت