اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڪالعدم تحريڪ طالبان پ??ڪس??ان (ٽي ٽي پي) جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن جي خلاف آپريشن ڪندي سُومر ڏينهن صبح پاڪس??ان افغانس??ان جي اندر س??حدي علائقن ۾ انٽيلي جنس جي بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي جون ڪارروايون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاران جاري ڪيل بيان موجب سومر ڏينهن جي آپريشن جو بنيادي هدف حافظ گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد هُئا جيڪو گروپ ٽي ٽي پي سان گڏجي پاڪس??ان جي اندر ڪيترن ئي دهشتگرد حملن جو ذميوار آهي جنهن جي نتيجي ۾ سوين شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهيد ٿيا، تازه ترين حملو 16 مارچ 2024ع تي اتر وزيرس??ان ۾ مير علي ۾ هڪ سيڪيورٽي پوسٽ تي ٿيو ۽ ان ۾ 7 پاڪستاني فوجي شهيد ٿيا. هن چيو ته گذريل ٻن سالن دوران پ??ڪس??ان افغانس??ان جي اندر ٽي ٽي پي سميت دهشتگرد تنظيمن جي موجودگي تي عبوري افغان حڪومت کي ڪيترائي ڀيرا پنهنجي سنگين خدشن کان آگاهه ڪيو آهي، اهي دهشتگرد پاڪس??ان جي سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو آهن ۽ پاڪستاني حدن ۾ دهشتگرد حملن جي لاءِ مسلسل افغان سرزمين جو استعمال ڪندا رهيا آهن. ترجمان چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، ان جي لاءِ هن سدائين دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي ترجيح ڏني آهي، اسان ڪيترائي ڀيرا افغان عملدارن تي زور ڏنو آهي ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ موثر ڪارروائي ڪن ته افغان سرزمين پ??ڪس??ان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿئي، اسان انهن کان ٽي ٽي پي جون محفوظ پناهگاهون ختم ڪرڻ ۽ انهن جي قيادت پاڪس??ان جي حوالي ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪس??ان افغانس??ان جي ماڻهن جو تمام گهڻو احترام ڪري ٿو جڏهن ته افغانس??ان ۾ اقتدار ۾ رهندڙن مان ڪجهه عنصر س??گرم طور تي ٽي ٽي پي جي سرپرستي ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي پاڪس??ان جي خلاف پراڪسي طور استعمال ڪري رهيا آهن، هڪ ڀائر ملڪ جيڪو افغانس??ان جي عوام سان مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ گڏ بيٺل آهي، ان جي خلاف اهڙي قسم جو رويو انهن جي تنگ نظري کي ظاهر ڪري ٿو، انهن گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ افغانس??ان جي عوام جي لاءِ پاڪستان پ??ران ڏني ويندڙ حمايت کي نظرانداز ڪيو آهي، اسان اقتدار ۾ موجود انهن عنصرن کي درخواست ڪريون ٿا ته معصوم پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ جي پاليسي تي نظرثاني ڪن ۽ پاڪستاني عوام سان گڏ بيهڻ جي واضح چونڊ ڪن. ترجمان چيو ته ٽي ٽي پي جهڙا دهشتگرد گروهه علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ گڏيل خطرو آهن، اسان کي ٽي ٽي پي پاران خطري جو مقابلو ڪرڻ ۾ افغان عملدارن کي درپيش چئلينج جي ڀلي ڀت ڄاڻ آهي، ان جي لاءِ پاڪس??ان دهشتگردي جي خلاف گڏيل حل ڳولڻ ۽ ڪنهن به دهشتگرد تنظيم کي افغانس??ان سان ٻطرفن لاڳاپن کي سبوتاز ڪرڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڪم جاري رکندو.
پاڪستان سُومر ڏينهن صبح افغانستان جي اندر سرحدي علائقن ۾ انٽيلي جنس جي بنياد تي دهشتگردي جي خاتمي جون ڪارروايون ڪيون، آپريشن جو بنيادي هدف حافظ گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ دهشتگرد هُئا: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز