اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آذربائيجان ??ي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان ??ي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه کي ساراهيو ته ٻنهي ڌرين بنيادي دلچسپي جي معاملن تي سدائين هڪ ٻئي جي مڪمل حمايت ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڌريون عالمي فورم تي هڪ ٻئي جي حمايت جاري رکندا. وزيراعظم نومبر 2024ع ۾ منعقد ٿيندڙ 29 هين گڏيل قومن جي ڪانفرنس آف پارٽيز ڪوپ – 29 جي ميزبان ??هر جي طور تي باڪو جي چونڊ تي پرڏيهي وزير بيراموف کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ??ن اهم ايونٽ جي ڪامياب نتيجن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ آذربائيجان ??ان گڏجي ڪم ??ندو. جون 2023ع ۾ باڪو جي دوري دوران ??در الهيام عليوف سان پنهنجي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه کي ياد ڪندي وزيراعظم آذربائيجان ??ي صدر کي هن سال جي آخر ۾ پاڪستان ??و سرڪاري دورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي دعوت جو ورجاءُ ڪيو. آذربائيجان ??ي پرڏيهي وزير مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي ۽ پاڪستاني پرڏيهي وزير جي وچ ۾ ڪالهه خميس ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه کان ??گاهه ڪيو. هن آذربائيجان ??ي قيادت پاران وزيراعظم کي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ کيس آذربائيجان ??ي پاڪستان ??ان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ??رڻ جي ڀرپور خواهش جو يقين ڏياريو. پرڏيهي وزير بيراموف نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي پاڪستان ??و دورو ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون