بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پرتڪلف مانجهاندو ڏنو، چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيان?? وزيراعظ?? محمد شهباز شريف جي شاندار آجيان ڪئي جنهن ۾ گرمجوش ڀائراڻن لاڳاپن جي جهلڪ واضح رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي ڀائراڻن جذبن ۽ شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته چين عظيم ۽ قابل اعتماد ڀاءُ آهي، چين جي ترقي تي هر پاڪستاني کي فخر آهي. چين جي وزيراعظم چيو ته توهان جي جذبي، ڪم جي رفتار ۽ وچن جي پاسداري کان تمام گهڻو متاثر آهيان. ان موقعي تي پاڪستاني ملي نغمن جي ڌُنن مانجهاندي جي فضا کي پاڪ چ??ن دوستي جي رنگن جي قوسِ قزاح بڻائي ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان گڏ مانجهاندي ۾ آيو ته چين جي فوج جي بينڊ پاڪستاني ملي نغمن جون ڌُنو?? وڄائڻ شروع ڪيون. ”دل دل پاڪستان“، ”دل سي مين ني ديکا پاڪستان، جان سي ميرا ڌرتي په ايمان“، ”مين ڀي پاڪستان هون تو ڀي پاڪستان هي“، ”جيوي جيوي پاڪستان“ جون ڌُنو?? وڄايون ويون. ٻنهي وزيراعظمن مسڪراهٽن ۽ تاڙيو?? وڄائي داد ڏني. ان موقعي تي مانجهاندي ۾ شريڪ پاڪستاني وفد جي ميمبرن ڀرپور تاڙين سان بينڊ ??ي داد ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعزاز ۾ چين جي وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ پاران پرتڪلف مانجهاندو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت