لاهور – 16 – جولائي (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وز??راعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي، اڃا تحريڪ انصاف تي پابندي جو فيصلو ناهي ٿيو، ان معاملي تي اتحادي?? سان مشاورت ڪنداسين جنهن کانپوءِ فيصلو قانون ۽ آئين موجب ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور ۾ داتا دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب جي موقعي تي صحافي?? سان ڳالهائيندي ڪيو. نائب وز??راعظم ۽ سينيٽر اسحاق ڊار چ??و ته وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ پنجاب جي وز??راعليٰ مريم نواز پاران دل جي گهرائي?? سان داتار دربار کي غسل ڏيڻ جي تقريب تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. ان موقعي تي اسحاق ڊار کي داتا دربار جي ڪجهه تعميرات ۽ بلال گنج پاران ڪئي ويندڙ توسيع جي حوالي سان لاڳاپيل عملدارن بريفنگ ڏني. اسحاق ڊار نيسپاڪ کي هدايت ڪئي ته جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي داتا دربار توسيع منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي. هن چ??و ته ويجهي مستقبل ۾ ان پراجيڪٽ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. نائب وز??راعظم چ??و ته (ن) ليگ جي حڪومت مهانگائي ناهي آندي، پاڪستان کي ان وقت ياد ڪريو جڏهن محمد نواز شريف کي ڪڍي ملڪ جي حالت خراب ڪئي وئي. اسحاق ڊار چ??و ته جيڪي اڳ ۾ اقتدار ۾ آيا اهي ملڪ کي 6 کان 7 مهينن ۾ ڊيفالٽ ڪري هليا ويا. اسحاق ڊار چ??و ته پي ٽي آءِ دور ۾ ملڪي معيشت 24 هين کان 47 هين نمبر تي پهچي وئي. هن چ??و ته (ن) ليگ کي حڪومت جو شوق نه هو جيڪڏهن اقتدار ۾ نه اچون ها ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿي وڃي ها، اسحاق ڊار چ??و ته اليڪشن ڪميشن اعلان ڪ??و ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ پارٽي آهي، پي ٽي آءِ جي خلاف اليڪشن ڪميشن وٽ فارن فنڊنگ جا ثبوت موجود آهن. هن چ??و ته اسان باني پي ٽي آءِ وانگر صبح شام ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي نيب کي نه ٿا گهرايون، اسان کي ملڪي سلامتي سڀ کان وڌيڪ عزيز هجڻ گهرجي جڏهن ته قومي سالامتي جي خلاف ڪا ڳالهه نه ٻڌنداسين. اسحاق ڊار چ??و ته 9 مئي جي واقعي ۾ جيڪي ماڻهو ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهر??ي. ??ن چ??و ته داتا صاحب جي دعائ?? سان پاڪستان جو ڪير ڪجهه به بگاڙي نه ٿو سگهي، پاڪستان معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان ٻيهر ترقي ڪندو جڏهن ته ملڪ کي معاشي قوت بڻائڻ جي لاءِ وز??راعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي صوبائي وز??ر خواجه سلمان رفيق ۽ بلال ياسين سميت اوقاف کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي لحاظ کان مضبوط ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : raspadinha acumulada