اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر کي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر جرئت ۽ بهاد??ي جو عظيم مثال قائم ڪندي شهادت ماڻي. پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر پنهنجي جان جي قرباني ڏئي ملڪ دشمن غدارن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته پائليٽ آفيسر راشد منهاس نشان حيدر جي فرض شناسي، همت ۽ بهادري ۽ وطن جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. مون سم??ت پوري قوم پاڪ فضائيه جي ان بهادر فرزند کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته قوم هٿياربند فوج جي جوان?? ۽ ??فيسرن جي ملڪ جي حفاظت لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.
وزيراعظم پاران پائليٽ آفيسر راشد منهاس (نشان حيدر) کي 53 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج