اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي گادي واري هن?? کي دلڪش، دل لڀائيندڙ ۽ رنگ برنگي بتين سان سجايو ويو، جنهن سان شهر جو قدرتي حسن ٻيڻو ٿي ويو. سي ڊي اي شهر جي اهم هن??ن، رستن ۽ چونڪن کي ٿري ڊي لائيٽن سان سجايو. شاهراه دستور، سرينا چوڪ ۽ راول ڊيم چوڪ جهڙن اهم علائقن ۾ عمارتن ۽ يادگارن کي خوبصورت گلن سان سجايو ويو جيڪو پاڪستان جي شاندار ثقافتي ورثي ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي اتحاد جي ڀرپور عڪاسي ڪري رهيو آهي. دل کي وڻندڙ سجاوٽ سان ڄاڻايل هن?? هڪ شاندار منظر پيش ڪري رهيا هئا. خوبصورت منظر ڏسندڙ شهري ڄاڻايل روشنين ۽ گلن جي ڊيزائن مان مزو وٺندا رهيا جيڪي جديد ٽيڪنالاجي ۽ روايتي جماليات جو حسين منظر ڏئي رهيا هئا. رستن ۽ پ??ن کا?? وٺي عمارتن تي وڏي پئماني تي اسلام آباد کي سربراهه اجلاس جي شان مطابق روشنين ۽ ڀرپور سجاوٽ ذريعي خوبصورت شهر ۾ تبديل ڪيو ويو. اسلام آباد خوبصورت روشنين سان چمڪي رهيو هو، هي خوبصورتي عالمي اڳواڻن جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي عزم جي به عڪاسي ڪري ٿي. ان سربراهي اجلاس ۾ علائقائي سلامتي، اقتصادي تعاون ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ثقافتي مٽاسٽا جهڙن اهم معاملن تي ڌيان ڏنو ويو. اسلام آباد ۾ وفدن جي شاندار استقبال لاءِ سي ڊي اي خاص انتظام ڪيا جن ۾ پاڪستان جي مهمان نوازي ۽ عالمي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ سندن چاهه ۽ عزم ج?? جهلڪ نظر اچي ٿي.
ايس سي او سربراهه اجلاس جي موقعي تي گادي وارو هنڌ روشنين واري شهر ۾ تبديل، اسلام آباد جو قدرتي حسن ٻيڻو
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena