اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) توانائي و??ري وفاقي و??ير سردار اويس احمد خان لغاري سان جرمن سفير الفريڊ گراناس ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائيءَ جي شعبي سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. ملاقات ۾ وفاقي و??ير چيو ته جرمني تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ عالمي اڳواڻ آهي، پاڪستان 2034ع تائين پنهنجي توانائي مڪس ۾ 88 سيڪڙو تجديد جوڳي توانائي شامل ڪندو. هن چيو ته پاڪستان تمام ذميداري سان توانائيءَ جي شعبي ۾ هڪ مسا??قت?? مارڪيٽ متعارف ڪرائي رهي?? آهي ته جيئن ??جلي جي خريد ۽ وِڪري ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندڙ شامل ٿي سگهن. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي خاطرخواه موقعا موجود آهن جن مان جرمني جا سيڙپڪاري ڀرپور فائدو کڻي سگهن ٿا. جرمني پاڪستان جو هڪ قابل قدر ترقياتي ڀائيوار آهي ۽ بي ٽو بي رابطن کي هٿي ڏيڻ اسان جي ٻه طرفي ناتن جو هڪ اهم عنصر آهي. سفير چيو ته توانائي جي شعبي ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ بيٽري اسٽوريج ٽيڪنالاجيز سبب بجلي هر گذرندڙ ڏينهن سان وڌيڪ صلاحيت جي قابل بڻجي رهي آهي. هن چيو ته جرمني پاڪستان جي توانائيءَ جي شعبي ۾ سڌارن جي مالي معاونت لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن پاور سيڪٽر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. جرمن سفير چيو ته جرمني نجي شعبي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ فعال ڪردار ادا ڪري رهي?? آهي ۽ مختلف رٿائن ۾ سهڪار جاري رکندو. ملاقات دوران ٻنهي ڌُرين تجديد جوڳي توانائي کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻين رٿائن ۾ گڏيل مشاورت اڳيان وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
توانائيءَ واري وفاقي وزير سان جرمني جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : aplicativos de apostas loteria