اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه سان ??وائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻه ط??فن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چ??و ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چ??و ته ترڪيه جو ترقي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان ??ه ان ماڊل مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چ??و ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چ??و ته روڊ نيٽ ورڪ بهتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير چ??و ته اسان ??و ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ ??هي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چ??و ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان موقعي تي ڳالهائيندي چ??و ته پاڪستان ??ان هر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه ط??في سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چ??و ته ترڪيه پاڪستان ??ان پنهنجن ناتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اسان ??ي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.
ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ