گڏيل قومون-26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊان ۾ خوراڪ، پاڻي، دوائن ۽ ٻار?? جي کوٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آهي. سعودي ميڊيا ذريعن موجب گڏيل قومن جي ??ات??ت پناهگيرن جي ها??ِ ڪمشنر جي ترجمان چيو آهي ته 20 هزار سوڊاني ملڪ ??ڏي چاڊ هليا ويا آهن جڏهن ته ڏکڻ سودان کان تقريبن 4 هزار پناهگير پنهنجي وطن واپس آيا آهن. ها??ِ ڪمشنر جي ترجمان جنيوا ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته جنگ جي نتيجي ۾ اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ لڏپلاڻ ??ند??ن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني معاملن واري رابطا آفيس جي ترجمان ڌيان ڇڪرايو آهي ته خوراڪ، پاڻي، دوائن، ٻارڻ، بجلي ۽ رابطي ۾ شديد کوٽ درپيش آهي، ترجمان چيو ته تازي عسڪري سرگرمين کان اڳ سوڊان ۾ انساني ضرورتن ۾ رڪارڊ اضافو رپورٽ ٿيو هو. تقريبن 15.8 ملين ماڻهن کي بنيادي شيون گهربل هيون. اهو تعداد ملڪ جي ٽيون حصو جي آبادي جي برابر آهي.
سوڊان ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم