رياض_22 سيپٽمبر(اي پي پي) سعو??ي عرب خبردار ڪيو آهي ته هٿيار بند گروپن جي وڌندڙ ڪردار سان عالمي امن کي خطرو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب سعو??ي عرب جي پرڏيهي وزير عرب سر??راهي اجلاس ،ٽرائيڪا ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پرڏيهي وزارت جي سطح تي منعقد ٿيل غير رسمي سيشن دوران تقرير کان پوءِ هڪ بيان ۾ خبردار ڪيو ته بحران پيدا ڪرڻ ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ مبتلا ڪرڻ ۾ رياست جي فريم ورڪ کان ٻاهر هٿيار بند گروپن جو وڌندڙ ڪردار آهي، هن چيو ته جنهن آساني سان انهن گروپن وٽ ٽيڪنيڪل ذريعن وٽان هٿيار اچ?? رهيا آهن اها صورتحال رياستي ادارن کي ڪمزور ڪر?? رهي آهي، هن سلامتي ڪونسل کان مطالبو ڪيو ته هٿيار بند گروپن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، هن چيو ته سعو??ي عرب يمني ڌرين وچ ۾ ڳالهين جو منتظر آهي، اهي ڳالهيون ي??ن ۾ سلامتي ۽ استحڪام آئڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون.
هٿيار بند گروپن جي وڌندڙ ڪردار سان عالمي امن کي خطرو آهي: سعودي عرب
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس