رياض -23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان گادي واري شهر رياض ۾ ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سڪ يول سان ملاقات ڪري ڪيترن ئي معاهدن تي صح??حي??ن ڪيون آهن. سعودي خابرو اداري مطابق ڪ??ريا جي صدر لاءِ باضابطا سرڪاري استقبال واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بعد ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪوريا جي صدر باضابطا ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفن معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صح??حي??ن ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جو جائزو ۽ دس??ياب وسيلن جي ان قسم جي سيڙپڪاري جي موقعن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ لاڳاپيل معاملن کان علاوه گڏيل مفادن ۽ ان حوالي سان گڏيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو ويو.
سعودي ولي عهد سان ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي ملاقات، ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena