ڪينبرا-12 سيپٽمبر (اي پي پي) آسٽريليا افغ??نس??ان ۾ جنگ وڙهندڙ ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جن جي يونٽ مبينه جنگي ڏوهن ۽ غير ق??نوني سرگ??مي?? ۾ ملوث هئا. پرڏيهي خابرو اداري موجب آسٽريلوي دفاع ??اري وزير رچرڊ مارلس چيو ته اهو فيصلو ماضي جي غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ ڪيو آهي. اهو فيصلو ان مخصوص يونٽ جي ڪمانڊرن بابت آهي جيڪي 2005ع ۽ 2016ع جي وچ ڌاري انچارج طور فرض سرانجام ڏئي رهيا هئا. ڪمانڊر جن جو انگ 10 کان گهٽ ٻڌايو ويو آهي، انهن کان ايوارڊز واپس ورتا ويندا، تنهن هونددي به رازداري جي اصولن تحت انهن جا نالا جاري نه ڪيا ويندا. هڪ سرڪاري انڪوائري ۾ 11 سالن جي عرصي ۾ آسٽريليا جي ايليٽ اسپيشل فورسز هٿان افغ??نس??ان ۾ 39 شهرين ۽ قيدين جي مبينه غير ق??نوني قتل جي جاچ ڪئي وئي، 2020ع ۾ ٿيل جاچ ۾ آسٽريلوي فورسز طرفان موت جي سزا، لاشن جي ڳڻپ ۽ تشدد جا الزام سامهون آيا هئا ۽ پوليس کي 19 ماڻهن خلاف جاچ جي سفارش ڪئي وئي هئي، انڪوائري ۾ 19 ماڻهن کي آسٽريلين فيڊرل پوليس حوالي ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي هئي پر اهو عمل دير جو شڪار آهي. اسٽريلوي دفاع ??اري وزير چيو ته گذريل ڏينهن فيصلي ۾ شامل ڪمانڊرن کي انهن جي يونٽس جي مبينه طور ڪيل جنگي ڏوهن بابت علم نه هو، پر انهن جي حوالي سان اها اميد هئي ته کين معلوم ??ي ويندو ته ڇا ٿي رهيو آهي، هن چيو ته آسٽريليا هڪ اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڻ کي جوابده سمجهي ٿو، آسٽريليا جو گورنر جنرل اهو طئي ڪندو ته تمغا ڪيئن ۽ ڪڏهن واپس ورتا وڃن.
افغانستان ۾ جنگي ڏوهه ڪرڻ سبب آسٽريليا پاران ڪمانڊرن کان تمغا واپس وٺڻ جو فيصلو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے