گڏيل قومون – 19 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم اس??ام??فوبيا تي او آءِ سي جي مستقل نمائندن جي ڪور گروپ جي قيادت ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اس??ام??فوبيا خلاف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي ٺهرائن تي عمل جو جائزو ورتو. ٺهرائن ۾ دنيا جي مختلف حصن ۾ وڌندڙ مسلمان مخالف جذب?? کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو ويو. پريس ريليز مطابق اها ملاقات نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ ٿي جيڪا ٺهراءُ 264/78 تي عمل جي سلسلي ۾ فالو اپ هئي. اهو ٺهراءُ 15 مارچ تي من??ور ڪيو ويو ??نهن جي شرطن تحت 193 رڪني جنرل اسيمبلي ميمبر ملڪن کان مطالبو ڪيو ??ه هو مذهبي عدم برداشت، ناڪاري دقيانوسي تصورن، مسلمانن خلاف نفرت ۽ تشدد جي خاتمي لاءِ قانون سازي ۽ پاليسي قدمن سميت سمورا ضروري قدم کڻي. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل کي درخواست ڪئي وئي ته هو ان رجحا?? کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جو خاص ايلچي مقرر ڪري. پريس ريليز ۾ چيو ويو ??ه ملاقات دوران او آءِ سي جي سفيرن ٺهراءُ تي وقت سر عمل خاص طور تي اس??ام??فوبيا کي منهن ڏيڻ خاص ايلچي جي مقرري جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عالمي سطح تي اس??ام??فوبيا جي روڪٿام لاءِ هڪ جامع ايڪشن پلان لاءِ تجويزون پڻ پيش ڪيون.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم جي قيادت ۾ او آءِ سي سفيرن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات، اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص ايلچي جي مقرري جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری