اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي آزا?? ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خ??اب ڪرڻ جي سعادت حاصل ٿي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ اعزاز جي ڳالهه آهي، توهان هڪ اهڙي غ??رتمند ??وم جي نمائندگي ڪريو ٿا جنهن تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، انهن جون لازوال قربانيون اسان سڀني جي لاءِ فخر جوڳيون آهن، اسان کي آزادي جي جدوجهد ۾ مصروف ماڻهن جي مشڪلاتن جي خ??ر آهي، پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي پرامن حل ۽ آزا?? ڪشمير جي تر??ي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اهل پاڪستان ۽ اهل ڪشمير جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون ۽ صديون پراڻو اهو رشتو سدائين قائم رهندو. هن چيو ته حڪومت آزا?? ڪشمير جي بجيٽ ۽ تر??ياتي بجيٽ ٻيڻي ڪئي آهي جڏهن ته مانسهره کان مظفرآباد تائين رستي جي منصوبي کي سي پيڪ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مظفرآباد ۾ آزا?? ڪشمير قانونساز اسيمبلي ۽ ڪشمير ڪائونسل جي گڏيل اجلاس کي خ??اب ڪندي هن چيو ته ڊگهي عرصي تائين اپوزيشن جي سياست ڪئي آهي ۽ اپوزيشن جي سوچ کان واقف آهيان.
پاڪستان حڪومت ڪشمير تڪرار جي حل ۽ ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس