اسلام آباد – 23مارچ (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جو راز جمهوريت ۾ ئي لڪل آهي، درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته جمهوري روايتن کي فروغ ڏنو وڃي ته جيئن معاشري ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ برداشت وڌي ويجهي، هن اها ڳالهه پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪو اڄ جمعي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، صدر چيو ته 23 مارچ جو ڏينهن اسان جي قومي تاريخ ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، ان پرمسرت موقعي تي سڄي قوم کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي هن چيو ته ان ڏينهن اسان جي بزرگن تاريخي قرارداد لاهور منظور ڪئ??، جنهن ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ واضح ۽ عظيم مقصد لاءِ متحد ڪري ڇڏيو، صدر ان موقعي تي باباءِ قوم قائداعظم م??مد علي جناح، مصور پاڪستان ڊاڪٽر علامه م??مد اقبال ۽ آزادي جي تحريڪ جي ٻين اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن پنهنجي پڪي عزم ۽ بي مثال قرباني سان پاڪستان حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ڪئ??.
صدر ممنون حسين جو پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena