اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا گذريل 10 سالن ۾ ورتل پرڏيهي قرضن جي آڊٽ، ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وڌل 3 هزار کان وڌ??ڪ نالن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جي م??ظو??ي جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي چيني ڪمپني سان معاهدي جي جائزي جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا نيب چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته نيب جي هاءِ پروفائيل ڪيسز تي ڪارروائي تيز ڪئي و??ي، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ سگريٽ، پينٽ ڪمپنين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، اسمگل ٿيل موبائيلن جي استعمال تي هلندڙ سال جي آخر تائين پابندي لاڳو ڪئي ويندي. هو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن