اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جو ولي عهد شهزا??ه محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي 16 فيبروري کان پاڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندو. اپريل 2017ع ۾ ولي عهد جي عهدي تي فائز ٿيڻ کانپوءِ اهو شهزا??ه محمد بن سلمان جو پاڪستان جو رياستي سطح جو پهريون دورو هوندو. ان سان گڏ سعودي شاهي خاندان جا ميمبر، اهم وزير ۽ ناليوارين ڪاروباري شخصيتن سميت اعليٰ اختياراتي وفد پڻ هوندو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شهزا??ه محمد بن سلمان جيڪو وزي??ن جي ڪائونسل جو نائب صدر ۽ دفاع واري وزير سميت سلطنت جي ڪيترن ئي اهم عهدن تي فائز آهي ۽ 16 ۽ 17 ف??بروري تي پنهنجي دوري دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪندو.
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa