پشاور – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته صوبن طرفان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ مختص ڪرڻ جو ??اعدو ڪيو هو پر هاڻي بدقسمتي سان ان واعدي تان ڦري ويا آهن جيڪا قبائلي ضلعن سان زيادتي آ??ي. ضلعي مهمند ۾ ناحقئي سرنگ ۽ شيخ زيد روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ضلعي جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو ??ظريو مديني جي رياست آهي، جيتوڻيڪ يتمن، غريبن، بيواهن ۽ ڪمزورن جي بهتري مديني جي رياست جي طرز جي رياست جي اولين ذميداري هوندي آ??ي تنهن ڪري ان ذميداري جي تڪميل لاءِ سمورا دستياب وسيلا استعمال ۾ آڻڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي سمورين پاليسين جو ??حور ڪمزور طبقن جي بحالي آ??ي تنهن هوندي به ??ن سان گڏوگڏ اسان جي نظريي جو ??ڪ نڪتو اهو به آهي ته خوشحالي جي سفر ۾ سمورن علائقن کي هڪجهڙي ترقي ڏيڻ گهرجي.
صوبن اين ايف سي ايوارڊ ۾ ٽي سيڪڙو قبائلي ضلعن لاءِ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس