اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 908 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 16 متاثر مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب ??وت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 29 هز??ر 449 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هز??ر 150، پنجاب ۾ 10 هز??ر 371، خيبرپختونخوا ۾ 3 هز??ر 615، اسلام آباد ۾ 4 هز??ر 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزاد ڪشمير ۾ 476 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 12 هز??ر 638 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏ??ن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هز??ر 884 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 ??ي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هز??ر 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب ??تاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هز??ر 108 آهي.
اين سي او سي پاران ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش