اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خودمختياري وارو حق انساني احترام جو بنيادي جزو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي خاطرين ۽ ذميدارين کي پورو ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪشميرين جي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي هرممڪن حما??ت جاري رکندو. ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته هر سال پنج جنوري کي ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن لاءِ خودمختياري واري حق جي ڏهاڙي جي طور تي ملهايو وي??دو آهي، اهو ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته عالمي برادري ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي حوالي سان پنهنجي ذميدارين کان نظرون نٿي ڦيرائي سگهي.
مضمون کا ماخذ : کڑک