اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن، سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۽ سفير طرفان پرڏيهي پاڪستانين جو خيال نه رکڻ ۽ پئسا وٺڻ جي شڪايتن جي جاچ ڪرائي ان ۾ ملوث عنصرن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين، جيستائين ملڪي روانگي واپار ۾ اضافو نٿو ٿئي تيستائين پرڏيهي پاڪستاني ان فرق کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا، پنهنجي خاندانن کان ڪيترائي سال پري رهي محنت مزدوري ڪري پنهنجي ملڪ مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندڙ پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، اسان جي سفارتخانن پاران انهن جي تحسين ٿيڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ڊگهي عرصي کان هڪ ارب ڊالر جو اهم سنگ ميل عبور ڪيو آ??ي، ان تي رضا باقر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيون ٿا، ان کي اڳتي وڌائن ۽ پرڏيهي پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل ڪار ۽ سماجي خدمت به ڪامياب ٿيندي. هن چيو ته 90 لک پرڏيهي پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ آهن، جيڪڏهن انهن مان اسان 20 لک تائين به پهچي وياسين ته اهو اڪائونٽ وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، ان لاءِ مارڪيٽنگ تي غور ڪريو ۽ ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي مارڪيٽنگ جي ??عب?? ۾ مهارت مان فائدو کڻنداسين. پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته هتي ڪنهن پنهنجي برآمدات وڌائڻ تي غور ناهي ڪيو، ڊگهي مدي واري منصوبابندي جي کوٽ به اسان جو الميو رهيو آ??ي، 30 سالن ۾ ڊالر جي گهٽتائي ۽ روانگي واپار گهٽ ٿيڻ جي ڪري 20 ڀيرا عالمي مالياتي فنڊ وٽ وڃڻو پيو، جيستائين اسان جو روانگي واپار نٿو وڌي اوورسيز پاڪستانين تي ڀاڙڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته شوڪت ترين جڏهن پهرين ناڻي وارو وزير هو تڏ??ن هن روانگي اوپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ڪيو ۽ هاڻي اهو ٻيو ڀيرو ٿي رهيو آ??ي، وزيراعظم چيو ته گهرن جي لاءِ عام ماڻهو کي قرض جي فراهمي بئنڪن جي عادت نا??ي، امير ماڻهو کي اها سهولت ??را?? سان ملي ويندي آ??ي ان لاءِ بئنڪن کي پنهنجي عملي جي تربيت جي ضرورت آ??ي، هن چيو ته تعميراتي ??عب?? ۾ گهڻي بهتري آئي آ??ي، هڪ سال جي رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو آيو آهي ۽ ماضي جو سمورو رڪارڊ ٽٽي ويو آ??ي، تن??ن هوندي به اهو گهٽ آ??ي، اسان کي ان طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سان روپئي جي دٻاءُ پوندو آ??ي ان سان واڌ جي شرح ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري به متاثر ٿيندي آ??ي، روشن ڊجيٽل اهم پروگرام آ??ي، بئنڪن جهڙي طرح ساٿ ڏنو آ??ي ان کي ساراهيون ٿا، اسان کي هائوسنگ جي ??عب?? ۾ بئنڪن جو تمام وڏو ڪردار گهربل آهي.
پرڏيهي پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت