اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي صوبي ۾ زراعت ۽ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ڪوششن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو وي?? ته گومل زام ڊيم منصوبي سان صوبي جي 160،000 ايڪڙ زمين پوکي جي قابل بڻجندي جڏهن ته سي آر بي سي لفٽ ڪينال منصوبي ج?? ذريعي 300،000 ايڪڙ زمين آباد ٿي سگهندي. وزيراعظم وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. وڏي وزير وزيراعظم کي اهو به ٻڌاي?? ته هلندڙ مالي سال ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ 27 لک سياح سير ۽ تفريح لاءِ آيا جنهن سان 66 ارب روپين جو روي??يو حاصل ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ