اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چي?? آهي ته ملڪ خداداد پاڪس??ان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خيبرپختونخوا پهريون صوبو آهي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه باچاخان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي موقعي تي چئي. هن چي?? ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي صوبي جو 12 هون ايم ٽي آءِ اسپتال آهي، خيبرپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪ??ائ?? سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چي?? ته صوابي ۾ گردن جي مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، صوابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضل??ي ۾ ڊائيلاسز ڪ??ائ?? سگهن ٿا. اسپيڪر چي?? ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ جلد وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چي?? ته اسان سڀني لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ملڪ خداداد پاڪس??ان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، آزادي جي عظيم نعمت تي اسان پنهنجي رب جو جيترو ٿورو اد?? ڪريون اهو گهٽ آهي.
ملڪ پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي: اسد قيصر
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب