اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا ق??ئم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام دوستي ۽ محبت جي لازوال رشتي ۾ جڙيل آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم عمران خان جا پاڻ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، ٻنهي اڳواڻن مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ گڏيل ويزن رکن ٿا. اها ڳالهه هن ترڪي جي 98 هين سالگرهه جي موقعي تي ترڪ سفارتخاني ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪي جي قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪ ڀائرن جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ??ن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور حڪومت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپن کي نئين سگهه ملي آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ دوستي ۽ محبت جو لازوال رشتو سدائين ق??ئم رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ترڪي جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪٽيو، تقريب ۾ هوابازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان، بحر?? معاملن وارو وفاقي وزير علي حيدر زيدي به موجود هئا.
پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea