لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي جي شعبي ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ آئيڊيل موقعا موجود آهن جنهن مان نوجوان نسل کي فائدو کڻندي اڳتي اچڻ گهرجي، ايندڙ وقت جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جو آهي. هو ڊفينس جي ويجهو اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، هائير ايجوڪيشن جووزير راجا ياسر همايون سميت ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٽيڪ ڪمپنين جو ٽرن آور هزار ارب ڊالر آهي پر ڪورونا جي دور ۾ جڏهن ٻيون ڪمپنيون نقصان ۾ ويون ته ??ه اتي ٽيڪ ڪمپنين جو منافعو ڪيترائي ڀيرا وڌيو ڇو ته هاڻي دنيا جو رجحان ان طرف وڌي رهيو آهي، قابل افسوس ڳالهه اها آهي ته ??سان ان رخ ۾ پوئتي رهجي وياسين، هن چيو ته پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جو هتي آئيڊل صورتحال آهي، اسان وٽ نوجوان آهن، اسان وٽ 22 ڪروڙ جي آبادي جي اندر 60 سيڪڙو کان وڌيڪ 30 سالن کان گهٽ عمر جا نوجوان آهن جنهن جي ذريعي آءِ ٽي ۾ وڌيڪ اڳتي وڃي سگهون ٿا اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت 15 کان 20 سال پهرين اسان کان آءِ ٽي ۾ آيو پر اڄ ان جي 150 ارب ڊالر جو ??وا??گي واپار آهي جڏهن ته ??سان جي بهتري جي باوجود 2 ارب ڊالر جو ??وا??گي واپار آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته هاڻي اسان پوري طرح ڌيان ڏيون، آءِ ٽي پارڪس ۽ ٽيڪناپولس بڻائڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته ??يئن آءِ ٽي سان لاڳاپيل ماڻهن کي مراعتون ۽ سهولتون ڏيون، رڪاوٽون ختم ڪريون، ڪاروبار ۾ آساني ??ي حوالي سان قدم کڻون، هن چيو ته ??يتريون اسان مراعتون ڏينداسين ان سان هڪ طرف نوجوانن کي ملازمت ڏيڻ جو مسئلو حل ٿيندو، هن چيو ته ??ورتن لاءِ وڏو موقعو آهي ته هو آءِ ٽي مان فائدو کڻندي پنهنجو گهر هلائي سگهن ٿيون. هن چيو ته ٻيو مسئلو ??وا??گي واپار جو آهي، بدقسمتي سان اسان ڪڏهن ??وا??گي واپار ۾ اضافي تي زور ناهي ڏنو، جڏهن 1960ع ۾ پاڪستان اڳتي وڌي رهيو هو ته ??ڏهن دنيا ۽ ايشيا جي مقابلي ۾ اسان جي ??وا??گي واپار تي نظر وڌي وڃي ۽ هاني ??يڪي ملڪ ??وا??گي واپار ۾ اسان کان پوئتي هئا اهي ڪ??ي پهچي ويا ۽ اسان ڪٿي بيٺل آهيون، اسان جو مسئلو اهو آهي ته ??ڏهن معيشت فروغ حاصل ڪندي آهي ته ??سان وٽ ڊالر جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي، ڇو ته گروٿ لاءِ امپورٽس وڌندي آهي جنهن جي ڪري رڪاوٽون پيدا ٿي وينديون آهن، ڊالر جي کوٽ ٿيندي آهي ته ??ن جو دٻاءُ روپئي جي قدر تي پوندو آهي، ته ??يزرو کي سنڀالڻ لاءِ اسان کي آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو آهي، ان مستقل سرڪل مان اسان تڏهن ئي نڪري سگهون ٿا جڏهن پنهنجو ??وا??گي واپار وڌايون، ايئن نه ٿئي جو اسان صرف ايڪسپورٽ انڊسٽري تي ڇڏي ڏيون ته هو پنهنجي پيداوار وڌائي، پر پوري ملڪ کي ان طرف وڌڻ گهرجي ڇو ته ??يستائين ??وا??گي واپار نه وڌندو ان وقت تائين خوشحالي نٿي اچي سگهي. هن چيو ته چين 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍي مٿي کڻي آيو ۽ هن پنهنجي ??وا??گي واپار وڌايو جنهن جي ڪري هو دنيا ۾ وڏو پاور بڻجي ويو، هن چيو ته ??سان جي پوري ڪ??شش آهي ته ??سان تعليم جي شعبي جي ترقي سان گڏوگڏ حڪومت ۽ پوري ملڪ جي اورينيٽيشن ڪريون ته ??يئن اسان پنهنجي برآمدات ۾ اضافي سان گڏوگڏ ٻين شعبن ۾ بهت رقي ڪري سگهون. هن چيو ته ??لله تعاليٰ اسان کي 12 مندون عطا ڪيون آهن جنهن ۾ اسان ڪجهه به پوکي سگهون ٿا، ٻاهرين ملڪ ڀاڙڻ بدران تيل واريون جنسون اسان پاڻ پيدا ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته ??ڀ کان پهرين اسان کي منصوبابندي سان ڊالر جا ذخيرا وڌائڻا آهن، اسان ??وا??گي واپار ۾ اضافو ۽ درآمدات ۾ گهٽتائي آڻڻي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي جيڪو امپورٽ جي ڪري ٿيو ڇو ته ??المي سطح تي مهانگائي جو اثر پاڪستان ۾ منتقل ٿيو، هن چيو ته ??ڀ کان وڏو اسان جو اثاثو اوورسيز پاڪستانيز آهن انهن لاءِ اسان اها مشڪل پيدا ڪري ڇڏي ته هو جڏهن ملڪ ۾بزنس ڪرڻ جو سوچيندا آهن ته ??ڪاوٽون پيدا ڪيون وينديون آهن اسان بدقسمتي سان انهن جي لاءِ آسانيون پيدا نه ڪري سگهياسين ته هو به پاڪستان اچي ڪ?? ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته ٽيڪنو پولس جي افتتاح جو مقصد اهو ئي آهي ته ??ءِ ٽي سان لاڳاپيل فرمز جيڪي ٻاهر آهن اهي پاڪستان ۾ اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪناپولس جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، صوبائي وزير ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ۽ ڪارڪن جو وڏو تعداد موجود هو، ڄاڻايل ٽيڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني ??ي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لاءِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ 12 ڪمپنين کي لائسنس به جاري ڪ??ا ويا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين حصن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لاءِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون به ڪيون ويون.
ايندڙ وقت جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ ٽي جو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین