اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي. ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان پن??نجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته بلاو?? ڀٽو ناسمجهه ۽ ان جا استاد نالائق آهن، هن چيو ته بلاو?? ڀٽو کي لکيل پرچيون ڏنيون وينديون آهن، بلاو?? ڀٽو کي هن وقت تائين ادراڪ ناهي ته هو ڇا ڪري رهيو آهي ۽ حق??قت ڇا آهي، جيئن جيئن وقت گذرندو بلاول سمجهي ويندو ته صرف تنقيد سان ڏکڻ پنجاب صوبو نه ٺهندو، ڏکڻ پنجاب صوبو آئيني ترميم سان ٺهندو، منهنجو سوال آهي ته ڇا بلاول آئيني ترميم لاءِ اسان سان گڏ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته جيڪڏهن ڏکڻ پنجاب صوبي کي عملي جامو پارائڻ چاهيو ٿا ته اچو گڏجي آئيني ترميم ڪيون، هن چيو ته آئون بل پيش ڪري رهيو آهيان جيڪڏهن توهان جي نيت صاف آهي ته پن??نجو ووٽ ڏيو ۽ ڏکڻ پنجاب کي حق ڏياريو، شاهه محمود قريشي چيو ته مون 19 جنوري تي خط لکيو توهان جواب ڏيڻ جي زحمت نه ڪئي، مون بلاو?? ڀٽو ۽ شهباز شريف کي اڄ ٻيهر خط لکيو آهي، هن چيو ته يو اين ڊي پي جي جيڪا رپورٽ آ??ي آهي ان منهنجي موقف جي تصديق ڪئي آهي. ڏکڻ پنجاب سڀني کان پوئتي پيل ريجن آهي، مون شهباز شريف کي به يو اين ڊي پي جا سڀئي انگ اکر موڪليا آهن، منهنجي شهباز شريف کي درخواست آهي ته ڏکڻ پنجاب جي معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪري، ڏکڻ پنجاب جي حقيقتن کي سامهون رکندي اڳتي وڌڻو پوندو جيڪڏهن بلاول ۽ شهباز شريف پن??نجي سياسي مفاد کي به سامهون رکن ته انهن کي ڏکڻ پنجاب جي جوڙجڪ ۽ جاچ ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ گهرجي.
ڏکڻ پنجاب صوبو رڳو تنقيد نه، آئيني ترميم سان ٺهندو، ڇا بلاول ان آئيني ترميم جي لاءِ اسان سان تعاون لاءِ تيار آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام