اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آءِ ٽي پروفيشنلز جي طلب ۽ پهچ ۾ وڌندڙ فرق کي ڀڻ ج?? لاءِ هنرمند انساني وسيلن جي انگ ۾ تيزي سان اضافي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فر??هم?? لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظها?? هن ڪيڊٽ ڪاليج مري جي شاگردن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته شاگرد بهتر فيصلاسازي ج?? لاءِ تنقيدي ۽ تجزياتي سوچ پيدا ڪن، شاگرد پنهنج?? لاءِ علم جا دروازا سڄي زندگي کليل رکن، شاگرد ماضي جي تجربن سان گڏوگڏ آءِ ٽي جي ذريعي آساني سان دستياب علم مان فائدو کڻن. هن چيو ته نوجوانن کي غلط معلومات، فيڪ نيوز ۽ صحيح خبرن ۾ فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي، شاگرد رسول الله ﷺ جي سيرت طيبه ۽ ڪامياب ماڻهن جي تجربن جي روشني ۾ فيصلاسازي ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته قائداعظم تحريڪ آزادي ۾ شاگردن جي ڪردار کي خاص اهميت ڏيندو هو، بطور صدر پاڪستان عورتن جي ملڪيتي حقن جي تحفظ، خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ قومي اهميت جي سمورن شعبن ۾ آءِ ٽي جي فروغ لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ هنرمند انساني وسيلا قومن جي پائيدار ۽ تيز رفتار ترقي جا لازم جز آهن، هنرمند انساني وسيلن جي غيرموجودگي ۾ قدرتي وسيلن مان فائدو نه ٿو کڻي سگهجي. هن چيو ته تعليمي ادارا شاگرد ۽ علم ۽ هنر جي فر??هم?? لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن، تعليمي ادارا قدرتي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ ج?? لاءِ قابل ۽ هنرمند پيشيواراڻي ماڻهن جي مسلسل فر??همي يقيني بڻائين.
تعليمي ادارا شاگردن کي علم ۽ هنر جي فراهمي لاءِ آن لائين ۽ هائبرڊ طريقا اختيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات