اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي عمر??ن خان جي ڏوهن جي تصديق قرار ڏيندي چي?? آهي ته چور، ڪوڙو ۽ مني لانڊر آخ??ڪار 8 سالن کانپوءِ پڪڙيو ويو، عمر??ن خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي، هو صادق ۽ امين نه آهي، پارٽي چيئرمين جي عهدي تان فوري طور تي استعيفيٰ ڏي، عمر??ن خان پاڪستان جي خلاف غيرملڪي سازشي منصوبو هو ۽ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چي?? ته عمر??ن خان ڪوڙو ۽ جعلساز آهي، ان تي اليڪشن ڪميشن مهر لڳائي ڇڏي آهي، عمر??ن خان اسرائيل، ڀارت، آمريڪا، ڪئناڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن کان ممنوعه فنڊنگ ورتي. هن چي?? ته عمر??ن خان غيرقانوني فنڊنگ سان پاڪستان ۾ فتنو برپا ڪيو. عمر??ن خان ڄاڻي واڻي 351 غيرملڪي ڪمپنين ۽ 34 غيرملڪين کان فنڊنگ ورتي ۽ جعلي ۽ ڪوڙو حلفيه بيان جمع ڪرايو. هن چي?? ته 13 غيرقانوني بئنڪ اڪائونٽس عمر??ن خان پاڻ هلائيندو رهيو ۽ انهن کي اليڪشن ڪميشن کان لڪائيندو رهيو. عالمي فراڊين خيرات جي نالي تي پئسا گڏ ڪيا ۽ جعلسازي ڪئي. عمر??ن خان ڄاڻي واڻي پنهنجي 4 ملازمن طاهر اقبال، محمد نعمان افضل، محمد ارشد ۽ محمد رفيق جي نالي تي پئسا گهرايا. هن چي?? ته چور ۽ مني لانڊر وڪيل بدلايا، اليڪشن ڪميشن کان ڀڳو ۽ ڪيترائي ڀيرا ڪيس روڪڻ جي لاءِ پٽيشنز داخل ڪيون. هن چي?? ته عمر??ن خان عالمي مني لانڊر ثابت ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت قانون موجب اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عملدرآمد ڪندي. هن چي?? ته عمر??ن خان ان چوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن تي حملا ڪري رهيو آهي.
وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاران ممنوعه فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو عمران خان جي ڏوهن جي تصديق قرار
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena