اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد مظلوم ڪشمير??ن جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته ميڊيا کي مظلوم ڪشمير??ن جو آواز بڻجڻ گهرجي ۽ ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي جيڪا بازار گرم ڪري رکي آهي، دنيا کي ان کان آگاهه ڪرڻ گهرجي، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اها ڪشمير??ن جي پيغام کي هر ممڪن دستياب فورم تي اٿاري. هو استحصال ڏهاڙي کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ پاڪ چائنا سينٽر ۾ ڊيجيٽل تصويري ۽ فن پارن جي نمائش جي موقعي تي تقريب ??ي خطاب ڪري رهي هئي. ڊي جي انفارميشن سروس اڪيڊمي، ايم ڊي اي پي پي اختر منير، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اي پي پي عديله رباب ڪاظمي، ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جو ڊائريڪٽر آصف الرحمان ۽ ٻيا سينيئر آفيسر پڻ ان موقعي تي موجود هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد ??يو ته ??ارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ معصوم شهرين تي ڪيل ظلمن کي لڪائڻ ۽ ڪشمير??ن جي آواز کي دٻائڻ جي لاءِ ميڊيا تي پابنديون هڻي رکيون آهن ۽ سوشل ميڊيا کي به بند ڪري رکيو آهي، اهڙي صورت ۾ پاڪستان جي ميڊيا تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اها مظلوم ڪشمير??ن جو آواز بڻجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ??شميرين تي جاري ڀارتي ڏاڍ جي حوالي سان اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذميواري آهي ته اهڙو ٺوس معاون نظام جوڙيو وڃي جنهن جي ذريعي مظلوم ڪشمير??ن جو آواز دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پهچائي سگهجي. هن ??يو ته ??شميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ جا داستان ٻڌي لڱ ڪانڊراجي وڃن ٿا. هن يو ته ??شميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڪيل ڪيس ۽ قيد جي صعوبتن ۽ انساني حقن جي پائمالين کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ??يو ته 5 آگسٽ تي عوام کي رڳو احتجاج ئي نه ڪرڻ گهرجي پر هر پليٽ فارم تي ڪشمير??ن جو ڪيس موثر انداز ۾ وڙهڻ گهرجي. تقريب ۾ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ??ي ختم ڪرڻ جي لاءِ آرٽيڪل 35 اي ۽ 370 جي خاتمي کانپوءِ ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلم ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا جي آزادي تي پابند??ن جي حوالي سان دستاويزي فلمون پيش ڪيون ويون جن ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي تاريخي پس منظر ۽ 5 آگسٽ جي ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري سيڪريٽري ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ انهن دستاويزي فلمن جي تياري تي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي ساراهيو. هن ڊائريڪٽوريٽ تي زور ڏنو ته هُو انهن دستاويزي فلمن جي ذريعي ڪشمير جو ڪيس دنيا آڏو پيش ڪرڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سمورن دستياب پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آڻي.
مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ تائين پهچائڻ جي لاءِ ٺوس معاون نظام جوڙڻ جي ضرورت آهي: اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت