دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ پنهنجي قطر جي دوري ??ي دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ??يوان ويندو. وزيراعظم آفيس ??ي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ دوحه ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم امير قطر شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات جي لاءِ اميري ??يوان ويندو. پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اميري ??يوان ۾ وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم اڄ دوحه ۾ 974 اسٽيڊيم جتي فيفا ورل?? ڪپ 2023ع ٿيندو جو دورو به ڪندا. وزيراعظم کي اسٽيڊيم ??ي مختلف سيڪشنز ۽ سهولتن جي حوالي سان بريفنگ ڏني ويندي. ان کان علاوه قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي فروغ جي حوالي سان وزيراعظم اڄ قطر بزنس مين ايسوسي ايشن ۽ قطر ايئرويز جي سي او سان به ملاقات ڪندو.
وزيراعظم قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات کانسواءِ اسٽيڊيم جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی