اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ٿيڻ تي الله ??عا??يٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته اڄ نواز شريف پڻ سرخرو ٿيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته 6 سالن تائين هن ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو اڄ الله ??عا??يٰ عزت سان سرخرو ڪ??و، عمران خان کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن ڪوڙ ڇو ڳالها??و ۽ الزام ڇو لڳايا، جنهن شخص ڪوڙ ڳالهايو اڄ ان جو چهرو ڏسڻ چاهيان ٿي، اڄ الله ??عا??يٰ تو کي ناڪام ڪيو ڪ??ڙو ثابت ڪيو، تون ناڪام ٿئين ۽ نواز شريف کي الله ??عا??يٰ سرخرو ڪ??و. جلد نواز شريف پڻ واپس ايندو، مريم نواز چيو ته عمران خان هڪ بيوس شخص آهي ان ڪيس جو بينيفشري ڪير آهي، سڀ خبر هئي، هو بيساڪين تي هڪ ڪيس ذريعي آيو، آمريڪي خط بابت آڊيو ليڪ جي سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي ڪمري ۾ ويهي ٻن شيطاني دماغن ڪوڙ گهڙيو ان معاملي تي اعليٰ سطح جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان، اعظم خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد مجيد کي گهرائي انهن کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڪهڙي طرح ملڪ سان هڪ مڪروه راند کيڏي، جيڪڏهن جاچ نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان کي اکيون بند ڪري ڪمبل مٿان اوڍي گهر ۾ سمهي رهڻ گهرجي، هن چيو ته هي شخص مذهب ڪارڊ کيڏندو رهيو پر ڪنهن به ان جي باري ۾ ڪجهه نه چيو، حڪومت سميت سمورا ادارا تماشو ڏسندا رهيا.
عدالت جي فيصلي سان نواز شريف سرخرو ٿيو آهي: مريم نواز
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ