اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ چين کي ”آئرن برادر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، سندس چيني ??يا??ت سان ملاقاتون انتهائي نتيجاخيز ۽ ڪارائتيون رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي پنهنجي تازي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران چائنا گلوبل ٽيليويزن (سي جي ٽي اين) کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن چيو ته اسان آئرن براد?? آهيون ڇو ته هي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، هن دوستي کي ڪير نقصان نه ٿو پهچائي سگهي، هن دوستي ۾ ڪير به جڳهه نه ٿو ماڻي سگهي ڀلي ڪجهه به ٿي وڃي، اسان دوست رهيا آهيون، اسان دوست آهيون ۽ اسان دوست رهنداسين. وزيراعظم چين پاڪستان لاڳاپن سان گڏوگڏ پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کانسواءِ علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي پڻ ڳا??هه ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي عوام ج?? ڀلائي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪرڻ، پاڪستان ۾ سي پيڪ ۽ ڪاروباري سطح تي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، عالمي معاملن کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ ۽ چيني ??يا??ت پاران وڏي پئماني تي حوصلا افزائي ۽ حمايت حاصل ڪري وطن واپس وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته چيني ڪميونسٽ پارٽي جي 20 هين قومي ڪانگريس جي موقعي تي پهرين غيرملڪي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت سان چيني ??يا??ت جي دعوت تي چين جو دورو ڪرڻ سندس لاءِ وڏي اعزاز جي ڳا??هه آهي. هن چيو ته اهو اسان جي آئرن برادر هجڻ ۽ ڀائيچاري جو اظها?? آهي، اهو اسان جي دوستي، گڏيل اعتماد ۽ گڏيل افهام تفهيم ج?? اظهار ڪري ٿو، اسان چيني ??يا??ت جي ان قدم ج?? دل جي گهرايئن سان تعريف ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي دوري دوران هن مسلسل ملاقاتون ڪيون، سڀ ??ان اهم ڳا??هه اها آهي ته چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقاتون سڀ ??ان وڌيڪ دوستاڻي، نتيجاخيز، واضح ۽ ڪارائتيون رهيون. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جاگرافيائي سياسي صورتحال تي ڳا??هه ٻو??هه جي لاءِ مشاورتي عمل کي وڌائڻ ۽ نه رڳو پاڪستان پر خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي آڻڻ جي لاءِ ڳا??هه ٻو??هه ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته چين کي الله تعاليٰ تمام گهڻن وسيلن ۽ توانائي سان نوازيو آهي، ڪڏهن توسيع پسندي جي ارادن جو اظهار ناهي ڪيو، ان جي ابتڙ چين ۽ صدر شي جن پنگ جو فلسفو عالمگيريت، ڳا??هه ٻولهه، خوشحالي ۽ ترقي بابت آهي. هن چيو ته جن جي پاليسي چين جو رستو روڪڻ آهي انهن جي پاليسي افسوسناڪ طور تي غلط آهي، اهي چين کي ڪڏهن به قابو ۾ نه رکي سگهندا. وزيراعظم چيو ته چين هڪ طاقت آهي ۽ دنيا چين کانسواءِ نه ٿي هلي سگهي، چين پرامن ذريعن تي يقين رکي ٿو، چيني فوج جي اڳڀرائي جارحيت جي لاءِ نه آهي، اها ان جي دفاع لاءِ آهي ۽ بجا طور تي آهي. هن چيو ته ماضي جي تاريخ کي نظر ۾ رکندي چين ان علائقي ۾ ڪمزور رهڻ کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ چين فوجي طور تي مضبوط هجڻ جو حق رکي ٿو.
پاڪستان ۽ چين کي ”آئرن برادر“ آهن، اسان جي دوستي فتح ٿيڻ جوڳي نه آهي، چيني قيادت سان ملاقاتون انتهائي نتيجاخيز ۽ ڪارائتيون رهيون: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں