اسلام آباد- 21 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن ??ي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي ايف بي آر ڊيٽا جي خلاف ??رزي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير ان سلسلي ۾ 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جي گهروارن ??ي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سخت نوٽيس ورتو آهي. هن چيو ته اه?? واضح طور تي ٽيڪس جي معلومات جي مڪمل رازداري جي خلاف ??رزي آهي جيڪو قانون فراهم ڪندو آهي. ڪجهه غير ذميوارن طرفان ان سنگين ڪوتاهي کي نظر ۾ رکندي ناڻي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص مددگار طارق محمود پاشا کي هدايت ڪئي آهي ته هو ذاتي طور تي ٽيڪس قانون ۽ ايف بي آر جي ڊيٽا جي خلاف ??رزي جي فوري جاچ جي قيادت ڪري ۽ ذميوارن جو تعين ڪندي 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪري.
ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهروارن جي ٽيڪس معلومات جي غير قانوني ۽ غير ضروري ليڪ ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس، 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ