ڊيووس-20 جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي، پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ عملي قد?? کڻي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان پويلين جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ملڪ ۾ قد??تي ماحول جي تحفظ ۽ بحاليءَ جي منصوبن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن موجوده حڪومت جي ليونگ انڊس منصوبي جي مول متن ۽ قد??تي ماحول ۽ پاڻي وسيلن جي بحاليءَ جي حوالي سان ان جي فائدن جي باري ۾ پريزينٽشن ڏني. سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيل ??قص??نن ۽ نئين سر بحاليءَ جي ڪوششن کي پڻ ??جاگر ڪيو. هن ان سلسلي ۾ عالمي برادريءَ جي تعاون ۽ حمايت کي ساراهيندي چيو ته ماحولياتي تبديلي جي اثرن سبب پيدا ٿيل مسئلن کي مُنهن ڏيڻ هڪ وڏو چئلينج آهي. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديليءَ جي سببن جو ذميدار ناهي پر ان جي باوجود ان جي ناڪاري اثرن جو شڪار آهي. پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ قد??تي ماحول جي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ عالمي سطح تي گڏيل قد??ن جي ضرورت آهي ته جيئن ماحولياتي لحاظ کان پائيداريت جي حاصلات جي ذريعي قد??تي آفتن جي ??قص??نن کي گهٽ ڪري سگهجي.
دنيا کي هن وقت ماحولياتي تبديليءَ سبب وڏا مسئلا سامهون آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻي پوندي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت