اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد ڪندي ايف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائ??نٽ??ٽ ڪمپني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي معلومات ايف بي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏيندڙ جي معلومات ڪمپني جي ما??ڪ کي ليڪ ڪئي وئي جنهن تي ملازم کي ڌمڪين کي منهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ايف بي آر وضاحت ڪر?? ته هو قومي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي وصولي لاءِ فراهم ??يل معلومات کي مڪمل طور تي ڇو استعمال نه ڪر?? سگهيو. ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد ڪر?? ڇڏي ۽ چيو ته ايف بي آر پنهنجي لاڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪر??. صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر اطلاع ڪندڙ کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ??ري ۽ فراهم ??يل معلومات کي مڪمل طور تي استعمال ڪر??. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا ما??ي بي ضابطگين بابت معومات جو مڪمل فائدو نه کڻڻ تي ايف بي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏيندڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان ??ان??نسازي جي سخت خلاف آهي. هن چيو ته معلومات ما?? فائدو کڻڻ بدران ايف بي آر تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محمد الياس ناردرن ٽولنگز پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائ??نٽ??ٽ طور ڪم ڪر?? رهيو هو، هن ايف بي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف ما??ي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏيندڙ طور رجسٽرڊ ڪيو ويو. ايف بي آر ڪمپني جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ 1.5 ڪر??ڙ رپين جي وصولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ??يل معلومات صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪر?? تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪندڙ ڪمپني جي ما??ڪ کي اطلاع ڪندڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ڪئي جنهن تي ڪمپني اڪائ??نٽ??ٽ کي پوليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌمڪيون ڏنيون. شڪايت ڪندڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن ملازم کي ٻڌڻ جو موقعو فراهم ??رڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ايف بي آر فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن کي صدر رد ڪر?? ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو حڪم رڳو ايف بي آر جي فرض جو ورجاءُ آهي ته معلومات مڪمل طور تي استعمال ڪئي وڃي، ايف بي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي وصولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪر??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي معاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي وڌيڪ هدايت پڻ ڪئي آهي.
صدر پاران وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد، ايف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino