اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي شهيدن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 12 مئي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صدر شهيدن جي م??ڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن ت?? ا??هن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. شهيدن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران صدر جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي ويون. صدر حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ غلام فريد ۽ سينيٽر ورڪرز صابر مسيح ۽ شان مسيح جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ فهيم مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شهيد قوم جو اثاثو آهن، قوم انهن جون قربانيون نه وساريندي. هن شهيدن جي م??ڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو.
شهيد قوم جو اثاثو آهن، قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل