اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪار?? جي فروغ جي لاءِ صنعتن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، پاڪستان ۾ هائبرڊ گاڏين جي پيداوار سان ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻ?? جي بچت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ٽويوٽا ايشيا جي صدر يوشيڪي ڪونيشي ۽ انڊس موٽرز جي سي اي او علي اصغر جمالي سان ڳالهائيندي ڪيو جن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاپان جي سفير متسو??ير?? وادا، وائيس چيئرمين ٽويوٽا انڊس موٽرز شن جي يناجي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم مرتضيٰ محمود، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خ??ص معاونين جهانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جاپان کي پنهنجي ترقي ۽ خوشحال?? جي هڪ اهم حصيدار جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۾ جاپاني ڪمپنين جي لاءِ سيڙڪار?? جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽويوٽا جي مقامي سطح تي هائبرڊ گاڏين جي پيداوار خوش آئنده آهي، پاڪستان ۾ هائبرڊ گاڏين جي پيداوار سان ٻارڻ جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي سان قيمتي پرڏيهي ناڻ?? جي بچت ٿيندي. وزيراعظم چيو ??ه حڪومت ملڪ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪار?? جي فروغ لاءِ صنعتن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، پاڪستان جي انجنيئرنگ جي شعب?? جي صلاحيت مان فائدو کڻي اسپيئر پارٽس جي برآمدات کي وڌايو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا انڊس موٽرز 100 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري سان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هائبرڊ گاڏين جو يونٽ قائم ڪيو آه?? جيڪو جلد پيداوار شروع ڪندو. ملاقات ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ٽويوٽا انڊس موٽرز جولاءِ کان آٽو اسپيئر پارٽس جي برآمد شروع ڪري رهي آهي، ان قدم سان پاڪستان گاڏين جي اسپيئر پارٽس جي عالمي سپلائي چين ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهندو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ انجنيئرنگ جي شعب?? جي صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي وڌ کان وڌ آٽو اسپيئر پارٽس جي برآمد جي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته پاڪستان ۾ وڪرو ڪئي ويندڙ گاڏين ۾ پارٽس جي اڪثريت مقامي طور تي تيار ٿيل هجي. جاپاني سفير چيو ته جاپان جون وڏيون ڪمپنيون پاڪستان ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جون خواهشمند آهن. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم جي قيادت ۾ حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. جاپاني سفير وزيراعظم کي جاپان جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي کان آگاهه ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.
حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ صنعتن کي مڪمل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج