اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات هفتي جا 7 ڏينهن 24 ڪلاڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زب??نن ۾ دستياب آهي، اها نشريات سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سيٽلائيٽ ذريعي پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهو قدم پي ٽي وي نيشنل قائم ڪرڻ کانپوءِ خيبرپختونخواهه جي عوام جي پراڻي مطالبي جي تڪميل آهي. ان نشريات سان مقامي مسئلن جي حل ۽ خيبرپختونخواهه جي متحرڪ ثقاف?? ۽ ??رثي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ معلومات، تعليم ۽ انفوٽينمنٽ ڪانٽينٽ جي لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب هوندو. ان سان مقامي ميڊيا ايڪو سسٽم جي تياري ۾ پڻ م??د ملندي جيڪو مقامي ڪميونٽيز جي مفادن جي لاءِ بهتر ??ري??ي سان خدمتون سرانجام ڏيندو.
پي ٽي وي پشاور سينٽر جي علائقائي نشريات خيبرپختونخواهه جي سمورين علائقائي زبانن ۾ دستياب آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ