لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون، مستقل پاليسيون ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي، ريڊيو پا??ستان جي بحالي جي پوري ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊيو پا??ستان جي نيوز اي??ڊ ڪرنٽ افيئرز جي پروگرام لاهور ان سائيٽ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن جنوري جي آخري هفتي ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏني آهي 30 نومبر تي تڪبندين جي حتمي فهرست شايع ڪئي ويندي، حب تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿي ويندو ته اليڪشن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو ڇو ته جيستائين تڪبنديون مڪمل نٿيون ٿين ته ان کان اڳ تاريخ ڏيڻ جو ڪو فائدو نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ واضح لکيل آهي ته اليڪشن کان اڳ سمورين پارٽين کي اليڪشن مهم جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 54 ڏينهن ڏنا ويندا جيڪو اٽڪل ٻه مهينا بڻجي ٿو، مون کي يقين آهي ته جنوري جي آخر ۾ چونڊون ٿي وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پا??ستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن عالمي معيار جو ادارو آهي جيڪو پيشيواراڻي طريقي سان پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته ريڊيو پا??ستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته نگران حڪومت جا اختيار محدود آهن، وڏا ۽ پاليسي فيصلا ڪرڻ جو اختيار چونڊيل حڪومت وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن ريڊيو پا??ستان ڊيجيٽل براڊ ڪاسٽنگ سان ڳنڍجي ويندو ته ان نظام سان بجليج ي پڻ بچت ٿيندي. هن چيو ته اميد آهي ته چونڊيل حڪومت اچڻ کانپوءِ ان ڪم کي اڳتي وڌايو ويندو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن وقت ريڊيو پا??ستان کي ڪجهه مالي مسئلا درپيش آهن، 90ع جي ڏهاڪي تائين ريڊيو لائيسنس جي مد ۾ فيس وصول ٿيندي هئي جنهن کي ختم ڪيو ويو، هاڻي وفاق جي گرانٽ کانسواءِ ڪ?? آمدني جو ذريعو نه آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ريڊيو لائيسنس فيس جي حوالي سان جيڪي قدم کنيا، اسان انهن کي اڳتي وٺي وڃي رهيا آهيون. اميد آهي ته ريڊيو پا??ستان کي درپيش مالي مسئلن جي حل لاءِ جلد سٺي خبر ملندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاليسي ٺاهڻ جو اختيار چونڊيل حڪومتن وٽ آهي. هن چيو ته جڏهن هو ريڊيو پا??ستان جو ڊائريڪٽر جنرل هو ته ان وقت ريڊيو پا??ستان جون اردو ۽ انگريزي زبانن ۾ ويب سائيٽس جاري ڪيون، ريڊيو پا??ستان جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پڻ مون پا?? ٺاهيو هو جنهن تي اڄ اٽڪل 10 لک فالورز موجود آهن. هن چيو ته ريڊيو پا??ستان جا سمورا سينٽرز سيٽلائيٽ جي ذريعي ڳنڍيل آهن، ريڊيو پا??ستان جي پهرين ڊي ايس اي?? جي منهنجي دور ۾ شروع ٿي هئي. هن چيو ته اميد آهي ته اي??دڙ چونڊيل حڪومت ريڊيو پا??ستان سميت ٻين رياستي نشرياتي ادارن جي جدت جي لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻيندي.
تڪبندين جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ چونڊن جي حتمي تاريخ جو اعلان ٿيندو، اميد آهي جنوري 2024ع جي آخر تائين چونڊون ٿي وينديون: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ