اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي اَپاسٽِل آرڊيننس 2024ع جاري ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن جي لاءِ قانوني تصديق جي پابندي ختم ڪرڻ آهي. اهو آرڊيننس پاڪستان ۾ شهرين، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن جي سهولت لاءِ جاري ڪيو ويو. اي??ان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اَپاسٽِل آرڊيننس نگران وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 (1) تحت جاري ڪيو آهي. ان جو مقصد غيرملڪي عوامي دستاويزن بابت 1961ع جي هيگ ڪنوينشن تحت پاڪستان جون ذميواريون ??وريون ڪرڻ آهي. ڪنوينشن ٻاهرئين ملڪ عوامي دستاويزن جي استعمال لاءِ قانوني تصديق/ توثيق ۾ ڇوٽ فراهم ڪري ٿو. وفاقي ڪابينا مارچ 2022ع ۾ اَپاسٽِل ڪنوينشن سان پاڪستان جي الحاق جي منظوري ڏني ??ئي. اپاسٽل ڪنوينشن مارچ 2023ع کان پاڪستان جي لاءِ لاڳو ٿيو هو.
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania