اسلام آباد-07 فيبروري (اي پي پي)تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتاب ”پاڪستاني ادب جا معمار“ جي مهورتي ت??ريب جي موقعي ت?? چيو آهي ت?? سنڌ جي ت??ذيب گهڻ رخي ٻوليون رکندڙ، گهڻا مذهبي عقيدا رکندڙ ۽ گهڻ نسلي آهي جنهن ڪيترائي مشهور اديب پيدا ڪيا ۽ علي بابا انهن مان هڪ هو. سنڌ جي مشهور ليکڪ علي محمد جيڪو علي بابا جي نالي سان مشهور آهي، جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ڪتاب جي مهورت جي موقعي ت?? ڪتاب ”علي بابا جي شخصيت ۽ فن“ جي ليکڪ، ڪالم نگار ۽ تعليم ??اري نگران وفاقي وزير مدد علي سن??ي چيو ته هو پاڻ انهن خوش نصيبن مان آهي جنهن علي بابا کي صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڏٺو آهي. هن چيو ته سنڌ هڪ مضبوط ثقافت ۽ تهذيب وارو صوبو آهي ۽ شيخ اياز جو ڳاڻيٽو صوبي جي عظيم جديد شاعرن ۾ ٿئي ٿو. مدد علي سن??ي چيو ته هن ڪتاب ۾ علي بابا جي شخصيت جي باري ۾ وڏو تفصي?? سان لکيو آهي، علي بابا عظيم ??يکڪ هجڻ باوجود پنهنجي عظمت کان بي خبر هو. هن چيو ته علي بابا جون تحريرون انساني وجود ۽ خودي جي گهرائي کي ظاهر ڪن ٿيون، علي بابا جي ڪمن جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته هن ناول موئن جو دڙو ۽ ڊرامي دنگي منجهه درياءَ جهڙا شاندار ڪم ڪيا. علي بابا جي فن کي لازو??ل قرار ڏيندي مدد علي سنڌي اميد ظاهر ڪئي ت?? سندس تحريرن جو اردو، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويندو.
سنڌ ڌرتي ڪيترائي مشهور اديب پيدا ڪيا،علي بابا انهن مان هڪ هو: وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔