اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) پريس ??نف??رميشن ڊپارٽمينٽ ۾ صحافين جي سهول?? لاءِ قائم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل ??ور تي فعال آهي. پي آءِ ڊي پاران جاري پڌرائي موجب ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي سهول?? لاءِ هائي اسپيڊ انٽرنيٽ، جديد ترين ڪمپيوٽرز، ليپ ٽاپس، پرنٽرز، اسڪينرز، ايل اي ڊيز ۽ ايس اين ڊيز موجود آهن. ميڊيا سينٽر ۾ صحافين جي مدد جي لاءِ پي آءِ ڊي جو تربيت يافته عملو ۽ آفيسر به موجود آهن. ميڊيا سينٽر کي ايس اين ڊيز جي ذريعي اليڪشن ڪميشن جي ”اليڪشن سٽي“ سان به ڳنڍڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. جڏهن ته چونڊن جي ڪوريج دوران صحافين جي شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي هيلپ لائين ايم او آءِ بي به مڪمل ??ور تي فعال آهي. صحافي mediahelpline.moib.gov.pk تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. شڪايتن جي داخلا لاءِ ٽيليفون هيلپ لائين 0519252287 به فعال ڪئي وئي آهي. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن خاص ??ور تي اليڪشن 2024ع جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ عالمي صحافين جي سهول?? لاءِ قائم ڪيو ويو. ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر ۾ صحافين کي هڪ ڇت جي هيٺ سڀئي ضروري سهولتون، قابل اعتماد معلومات ۽ لاجسٽڪ سپورٽ به ميسر آهي. اسلام آباد ۽ چئني صوبائي گادي وارن شه??ن سميت 7 شه??ن ۾ ميڊيا سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن. انهن سينٽرز تي 24 ڪلاڪ عملو پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو. چونڊن واري ڏينهن سينٽرز کان پولنگ اسٽيشن ويندڙ صحافين جي لاءِ ٽرانسپورٽ جو انتظام به موجود آهي.
صحافين جي سهولت لاءِ قائم ميڊيا ڪوآرڊينيشن اينڊ فيسلي ٽيشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي: پي آءِ ڊي
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری