لاڙڪاڻو – 08 فيبروري (اي پي پي)لاڙڪاڻي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي چونڊ وڙهندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نئون ديرو پهتو جتي هن نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪيو. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي جيالن اتي بلاول ڀٽو جي حق ۾ جا نعرا لڳايا ۽ مٿس گلن جي ورکا ڪري سندس آجيان ڪئي. و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ مان پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ هتي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان جي عوام کي درخواست آهي ??ه هو پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪرن جيڪو ووٽ انهن جي طاقت آهي ??ن جو هو ضرور استعمال ڪن ڇاڪاڻ ته ملڪ جو مستقبل عوام جي هٿ ۾ آهي. هن چيو ته عام چونڊن دوران موبائيل ??رو?? بند ٿيڻ سان پوري ملڪ ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ ۽ چونڊن دوران سهڪار ڪرڻ تي اثر پوندو، جڏهن پولنگ ايجنٽ ۽ آر اوز گڏجي فارم 45 لاءِ و??هندا ته ان دوران وڏيون مشڪلاتون به پيش اچي سگهن ٿيون ، گڏوگڏ سيڪيورٽي يا تشدد جو واقعو ٿئي ٿو ته اهو اطلاع اسان تائين پهچڻ ۾ دير ٿيندي جنهن ۾ عوام جو به نقصان ٿيندو. هن چيو ته موبائيل ??رو?? بند ٿيڻ سان ڪافي رڪاوٽون پيدا ٿينديون، سيڪيورٽي جي لحاظ ??ان جمهوريت جي نالي ۽ نارمل حالتن جي حوالي سان موبائيل ??رو?? کي في الفور بحال ٿيڻ گهرجي جيڪو پاڪستان جي عوام جو بنيادي آهي ??ه جيئن هو پنهنجو و??ٽ ڪاسٽ ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اوهان ڏسو ٿا ته جنهن تعداد ۾ ووٽر و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن ته انشاءَ الله منهنجو مينڊينٽ ڪنهن کي ڏئي نه ٿو سگهجي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضروري ڪامياب ٿيندي. هوڏانهن بلاول ڀٽو زرداريءَ جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي لڳايل پولنگ ڪئمپن جو دورو ڪري جيالن سان ملاقات ڪري چونڊ عمل جو جائزو ورتو بعد ۾ هو روانو ٿي ويو.
بلاول ڀٽو زرداري نئون ديري جي گورنمينٽ ميجر مجاهد پرائمري اسڪول ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی