اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪيترن ئي چئلينجن باوجود عام چونڊن جو پُرامن ۽ سهڻي طريقي سان ڪرائڻ يقيني بڻايو، جنهن جو اعتراف سول سوسائٽي تنظيمن، مقامي ۽ عالمي مبصرن ۽ ميڊيا پڻ به ڪيو. ال??ڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪري ٿو، جڏهن ته ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ??ن جي ازالي لاءِ لاڳاپيل فورمز موجود آهن. ال??ڪشن ڪميشن انهن ڏينهن ۾ به آفيس وقت ۽ آفيس کان پوءِ دير تائين اهڙيون شڪايتون وصول ڪري رهيو آهي ۽ انهن تي فوري فيصلا پڻ ڪيا پيا وڃن. ال??ڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب چونڊون ڪرائڻ کان پهرين ۽ـ چونڊ عمل دوران ال??ڪشن ڪميشن کي بي پناهه چئلينجز موجود هئا، جن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ وقت بوقت مختلف قدمن تي عمل ڪيو ويو، ان حوالي سان اها ڳالهه عام هئي ته چونڊون مقرر وقت تي نه ٿي سگهنديون. ال??ڪشن ڪميشن ان تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا ممڪن عملي ق??م کنيا ۽ چونڊون مقرر تاريخ تي ڪرايون. 8 فيبروري جي چونڊن جي ڪاميابيءَ لاءِ ال??ڪشن ڪميشن جي عمل کي پُرامن ۽ منظم رکڻ پو??نگ عملي جي زندگين جي حفاظت کي يقيني بنائڻ، پو??نگ مٽيريل جي حفاظت سان پهچائڻ ۽ درست نتي??ن جي ترتيب انتهائي اهم ترجيح هئا جن کي باقي سمورن مسئلن کان مٿانهون رکيو ويو ۽ سيڪيورٽي چئلينجز باوجود پُرامن چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻايو ويو. نتيجن ۾ تيزي جي خاطر انساني جانين کي خطري ۾ وجهڻ يا نتي??ن جي درستگيءَ کي مشڪوڪ بڻائڻ مناسب نه هو. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جا واقعا خاص ڪري چونڊن جي ويجهي وارن ڏينهن ۾ مختلف هنڌن تي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ عام شهرين جي شهادت چونڊن جي ڪرائڻ جو هڪ چئلينج بڻايو ويو، اهڙي صورتحال ۾ چونڊ عمل خاص ڪري نتي??ن جي تيزيءَ لاءِ انساني جانين کي خطري ۾ وجهڻ سان پوري چونڊ عمل کي نقصان جو خطرو موجود هو، ??ن جي ازالي لاءِ ترجيحي ق??م کنيا وڃن. سيڪيورٽي ادارن جي مشوري سان وفاقي حڪومت طرفان موبائل فون جي بندش کان علاوه پو??نگ جي عمل کي پُرامن ۽ منظم رکڻ ۽ پو??نگ عملي ۽ پو??نگ مٽيريل جي حفاظت لاءِ گروپن جي صورت ۾ سيڪيورٽي جي گهيري ۾ چُرپر کي يقيني بڻايو ويو جڏهن ته موبائل نيٽ ورڪ جي موجود نه هئڻ سبب رابطا نه هئڻ، پو??نگ اسٽيشنن جي ڊگهي مفاصلي ۽ ڏورانهن هنڌن تي موجود واقعا سان گڏوگڏ رات جي اونداهيءَ ۾ سفر ڪيترن ئي علائقن ۾ موسم جي شدت ۽ برف جي موجودگي ۽ مختلف هنڌن تي شاهراهن تي هارائيندڙ اميدوارن جي حامين طرفان ڌرڻا ڏيڻ سبب پو??نگ عملي کي اچ وڃ ۾ مشڪلاتون پيش آيون. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ چونڊ عملي ۽ پو??نگ مٽيريل جي چُرپر لاءِ هيليڪاپٽر جو به استعمال ڪرڻو پيو. ملڪ جي ڪيترن ئي حصن ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ڪوآرڊينيشن ۾ آسانيءَ لاءِ 5 کان 6 آر اوز جون آفيسون هڪ ئي هنڌ تي بڻايو ويون جڏهن ته انهن آفيسن تي جتي پو??نگ عملي جي آمد سان رش وڌي، اتي ڪيترن ئي هنڌن تي آر اوز جي آفيسن آڏو بي پناهه هجوم گڏ ٿيو جنهن سبب پو??نگ عملي کي پو??نگ مٽيريل جمع ڪرائڻ ۾ ڏُکيائون پيش آيون ??ن جو چونڊن نتي??ن جي ترتيب تي به پڻ فرق پيو، جڏهن ته اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته جن علائقن ۾ چونڊ نتيجن ۾ دير ٿي اتي نتي??ن جو مليل جليل رجحان رهيو ۽ ڪنهن هڪ جماعت کي ڪنهن به طور فائدو يا نقصان نه پهتو. ايم ايم ايس جو بنيادي ڪم آر او آفيس ۾ پرزائيڊنگ آفيسرز جي ذريعي جمع ڪرايل نتي??ن جي تياري هئي ۽ فارم 47 غير حتمي نتيجا تيار ڪري نتي??ن جو اعلان ڪرڻ هو. پرزائيڊنگ آفيسرز کي پو??نگ اسٽيشن تي فارم 45 تيار ڪري ان کي پنهنجي موبائل فون جي مدد سان ال??ڪٽرانڪ طريقي سان پنهنجي آر او کي موڪلڻو هو. ال??ڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 90 تحت پرزائيڊنگ آفيسر کي پنهنجي رٽرننگ آفيسر جي آفيس ذاتي طور پهچڻو هو. هتي اهو واضح ڪرڻ ضروري آهي ته آر او جي آفيس ۾ لڳل اي ايم ايس جو نظام ڪنيڪٽوٽي تي رکيل نه هو ۽ اي ايم ايس آر او جي آفيس تي تسلي بخش ڪم ڪيو. جڏهن ته پرزائيڊنگ آفيسرز جي فونز ۾ انسٽالڊ اي ايم ايس موبائل ايپ کي فارم 45 ال??ڪٽرانڪ طور موڪلڻ لاءِ سيلولر ڪنيڪٽوٽي جي ضرورت هئي جيتوڻيڪ سيلولر سنگلز کي سيڪيورٽي سببن جي بنيادن تي بند ڪيو ويو هو ان لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرز، رٽرننگ آفيسرز کي ال??ڪٽرانڪ ڊيٽا موڪلڻ کان قاصر هو. ٻيو هي ته معمول جي ڪوآرڊينيشن ۽ انتظامي اچ وڃ جي مجموعي عمل کي موبائل سگنلز جي بندش بُري طرح متاثر ڪيو جيڪو وڌيڪ دير جو سبب بڻيو. هي ٻڌائڻ ضروري آهي ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ پهريون نتيجو صبح جو 4 وڳي مليو هو جڏهن ته 24ع جي چونڊ نتيجن ۾ پهريون نتيجو رات 2 وڳي مليو. اهڙيءَ طرح 18ع ۾ نتيجا تقريبن 3 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيا، جڏهن ته ان ڀيري ڪجهه تڪن کان علاوه ڏيڍ ڏينهن ۾ چونڊ نتيجا مڪمل ٿيا ۽ ان مشڪلاتن ۽ مسئلن باوجود ال??ڪشن ڪميشن 8 فيبروريءَ تي ال??ڪشن جي عمل کي پُرامن ۽ منظم رکڻ ۾ ڪامياب رهيو. هي هڪ تمام وڏو آپريشن هو جيڪو ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتو جنهن جو اعتراف سول سوسائٽي تنظيمن، مقامي ۽ عالمي مبصرن ۽ ميڊيا پڻ ڪيو ۽ پو??نگ جي انتظامن، پو??نگ عملي جي تربيت، پو??نگ اسٽيشنن تي نظم و ضبط عوام جي هڪ وڏي انگ ووٽنگ جي عمل ۾ شريڪ ٿيڻ کي ساراهيو، جيڪو چونڊ عمل جي ڪاميابيءَ جي دليل آهي. ال??ڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کي رد ڪري ٿو، جڏهن ته ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن کان انڪار ناهي ??ن جي ازالي لاءِ لاڳاپيل فورمز موجود آهن ۽ ال??ڪشن ڪميشن انهن ڏينهن ۾ آفيس جي وقت ۽ آفيس جي وقت کان پوءِ دير تائين اهڙيون شڪايتون وصول ڪري رهيو آهي ۽ انهن تي فوري فيصلا ڪيا پيا وڃن. ال??ڪشن ڪميشن چونڊون پُرامن طريقي سان ڪرائڻ تي نگران وفاقي حڪومت، نگران صوبائي حڪومتن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن ۽ پولنگ اسٽاف جو ٿورو مڃي ٿو.
چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن ۾ رد ڪريون ٿا، ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن جي ازالي لاءِ شڪايتن تي فوري فيصلا ڪيا پيا وڃن: اليڪشن ڪميشن جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں